ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
01 ستمبر 2026
ڊيم ٺاهڻ جي ذميواري صوبن حوالي: ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي بابت صدر زرداري تي شديد دٻاءُ

ڊيم ٺاهڻ جي ذميواري صوبن حوالي: ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي بابت صدر زرداري تي شديد دٻاءُ

لاهور(امداد سومرو) ڪجهه ڏينهن اڳ ايوانِ صدر ۾ هڪ وڏو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري کي هڪ اهم ذميواري سونپي وئي ۽ کيس درخواست ڪئي وئي ته هي ڪم اوهان کان سواءِ ٻيو ڪو نٿو ڪري سگهي. کيس بريفنگ به ڏني وئي ۽ ڀارت جي منصوبن بابت به آگاهه ڪيو ويو. هي ذميواري پاڪستان ۾ پاڻي جي ذخيرن ۽ ڊيمز سان لاڳاپيل آهي. وفاق چاهي ٿو ته ڪجهه اختيار صوبن ڏانهن منتقل ڪيا وڃن، تنهنڪري صدر زرداري کي چيو ويو ته هو صوبن کي قائل ڪري ته هو پاڻ ڊيمن ۾ سيڙپڪاري ڪن۔بريفنگ ۾ اهو به چيو ويو ته نون منصوبن لاءِ صوبن کي راضي ڪرڻ جي ضرورت آهي. 18هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ بابت به ڳالهه ٿي، جنهن ۾ وفاق ۽ صوبن جي وسيلن جي ورڇ تي بحث ٿيو۔اجلاس ۾ چيو ويو ته ڀارت طرفان پاڻي بابت خدشا وڌي رهيا آهن، ۽ نوان اسٽرڪچر ٺهڻ سان پاڪستان کي پاڻي جي کوٽ جو خطرو ٿي سگهي ٿو. اندازو لڳايو ويو ته اڳ ۾ ڀارت وٽ 14 ڏينهن تائين پاڻي روڪڻ جي صلاحيت هئي، جيڪا هاڻي وڌي 28 ڏينهن تائين ٿي سگهي ٿي، جنهن سان زرعي نقصان جو خدشو آهي۔ڪالاباغ ڊيم جهڙا وڏا منصوبا سياسي اختلافن سبب اڳتي نٿا وڌي سگهن، تنهنڪري هاڻي ننڍا ڊيم ٺاهڻ تي زور ڏنو پيو وڃي. خاص ڪري صوبن کي چيو پيو وڃي ته هو گڏجي فنڊنگ ڪن ته جيئن پاڻي محفوظ رکي سگهجي۔اهو به چيو ويو ته وفاق وٽ نون ڊيمن لاءِ پئسا گهٽ آهن، تنهنڪري صوبن کي مالي حصو ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي۔ صدر زرداري کي چيو ويو ته هو سياسي پارٽين سان ڳالهائي هن معاملي تي اتفاق پيدا ڪن۔بلاول ڀٽو زرداري اڳ ۾ به اين ايف سي ايوارڊ بابت وفاق تي تنقيد ڪري چڪو آهي ۽ چيو هو ته ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو اختيار صوبن کي ڏنو وڃي۔هاڻي تجويز اها آهي ته جيڪڏهن صوبن کي ترقياتي منصوبن ۾ شامل ڪيو وڃي ته شايد هو به مالي سهڪار لاءِ تيار ٿي وڃن.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
يونيسڪو پاڪستان جي 12 تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن کي عالمي ورثي جي عارضي فهرست ۾ شامل ڪري ورتو
يونيسڪو پاڪستان جي 12 تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن کي عالم…
24 Aug 2026
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سرڪاري دوري تي لنڊن پهچي ويو
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سرڪاري دوري …
24 Aug 2026
آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن لاءِ ووٽنگ جاري
آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن لاءِ …
24 Aug 2026
آزاد ڪشمير جي وادي نيلم مان 3 ڄڻن جا لاش هٿ
آزاد ڪشمير جي وادي نيلم مان 3 ڄڻن جا لاش هٿ
24 Aug 2026
ملڪ جو سڀ کان وڏو موسيقيءَ جو مقابلو پاڪستان آئيڊل فيصل آباد جي حرا قيصر کٽي ورتو
ملڪ جو سڀ کان وڏو موسيقيءَ جو مقابلو پاڪستان آئيڊل…
24 Aug 2026
اطلاعات واري وزارت خواجا آصف جي سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيو کي جعلي ۽ اي آءِ تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو
اطلاعات واري وزارت خواجا آصف جي سوشل ميڊيا تي گردش…
24 Aug 2026
فيلڊ مارشل عاصم منير اهم دوري تي ايران روانو
فيلڊ مارشل عاصم منير اهم دوري تي ايران روانو
24 Aug 2026
پشاور هاءِ ڪورٽ بجلي جي بل ۾ تفصيل کانسواءِ ٽيڪس وصول ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو
پشاور هاءِ ڪورٽ بجلي جي بل ۾ تفصيل کانسواءِ ٽيڪس و…
24 Aug 2026
اڊيالا جيل جي 3 قيدين علاج لاءِ شفا اسپتال وڃڻ خاطر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو
اڊيالا جيل جي 3 قيدين علاج لاءِ شفا اسپتال وڃڻ خاط…
24 Aug 2026
مير رضا قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج نامزد
مير رضا قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم، سنڌ…
24 Aug 2026