سنڌ ۾ 79 دوائن ۽ سرنجن جا نمونا غير معياري ۽ جعلي قرار
سنڌ ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري مختلف ايلوپيٿڪ، هربل دوائن ۽ سرنجن جا 79 نمونا غير معياري ۽ جعلي قرار ڏئي ڇڏيا آهن.
سنڌ ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري جنوري کان 13 جولاءِ تائين ورتل دوائن ۽ سرنجن جي نمونن جي جاچ رپورٽ جاري ڪئي آهي. رپورٽ موجب 2,461 نمونن مان 79 نمونا منظور ٿيل معيار تي پورو نه لٿا.
رپورٽ مطابق 30 آٽو ڊس ايبل سرنجون غير معياري ۽ جعلي مليون آهن. آٽو ڊس ايبل سرنجون صرف هڪ ڀيرو استعمال لاءِ تيار ڪيون وينديون آهن، پر فراهم ڪيل ڪجهه سرنجون مڪمل طور آٽو ڊس ايبل نه هجڻ سبب انهن جي ٻيهر استعمال ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.
سنڌ ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري موجب هڪ ئي سرنج مختلف مريضن تي استعمال ٿيڻ سان انفيڪشن پکڙجڻ ۽ علاج متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌي سگهي ٿو. معياري آٽو ڊس ايبل سرنجن جي استعمال سان ايڇ آءِ وي، هيپاٽائٽس ۽ رت ذريعي منتقل ٿيندڙ ٻين بيمارين جي ڦهلاءَ کي روڪي سگهجي ٿو.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ 20 هربل شين ۾ ايلوپيٿڪ جزن جي موجودگي ملي آهي، جڏهن ته 9 دوائون ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (DRAP) وٽ رجسٽرڊ نه آهن.