وزيراعليٰ بلوچستان مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بندوق جي زور تي خدانخواستہ پاڪستان کي ٽوڙڻ جي ڪوشش قيامت تائين ناڪام رهندي.
پوليس ٽريننگ ڪاليج ڪوئٽه ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي سرفراز بگٽي باغي گروهن کي مخاطب ڪندي چيو ته اسان هڪ لمحي لاءِ به اوهان جي بندوق واري نظريي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون، بلوچستان جا بهادر سپاهي اوهان جي مقابلي ۾ سيُسہ پلائي ديوار وانگر بيٺل رهندا.
وزيراعليٰ چيو ته جيڪڏهن اوهان پاڪستان جي آئين جي دائري اندر واپس اچڻ چاهيو ٿا ته رياست جا در کوليل آهن، ۽ جيڪڏهن اوهان رياست جا ڪارآمد شهري بڻجڻ لاءِ تيار ناهيو ته اسان ان لاءِ به تيار آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته اڳواڻ هميشه مقبول فيصلا ناهن ڪندا، پر درست فيصلا ڪندا آهن، اڄ سڄي بلوچستان کي اي ايرياز ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، اهو صرف مضبوط فيصلو ناهي پر بلوچستان پوليس لاءِ اعزاز ۽ وڏي ذميواري به آهي.
ان موقعي تي وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي پوليس ٽريننگ ڪاليج لاءِ بجلي جا اسپيشل فيڊرز، سيوريج سسٽم ۽ روڊن جي مرمت جو اعلان پڻ ڪيو.