بنگلاديش پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جي گڏيل دفاعي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي
بنگلاديشي خبر ايجنسي موجب بنگلاديش جي وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار همايون ڪبير هڪ انٽرويو ۾ چيو ته بنگلاديش سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي جي اقتصادي يا دفاعي فريم ورڪ ۾ شامل ٿيڻ جي امڪان بابت مثبت رويو رکي ٿو.
همايون ڪبير جو چوڻ هو ته ان معاملي ۾ بنگلاديش قومي مفادن، عالمي معيشت ۽ واپار ۾ ٿيندڙ تبديلين کي نظر ۾ رکندو. هن چيو ته پاڪستان سان معمول جي سفارتي سرگرمين تحت ٻطرفن عملي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو پيو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سان واپار ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ لاءِ پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي.
بنگلاديشي ميڊيا موجب سعودي ولي عهد جي دعوت تي وزيراعظم طارق رحمان جلد سعودي عرب جو دورو ڪندو.