واشنگٽن: آمريڪي رياست الاسڪا ۾ 8 ڄڻن کي کڻي ويندڙ چارٽر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ جهاز ۾ سوار سمورا ماڻهو فوت ٿي ويا. آمريڪي ميڊيا موجب الاسڪا ڪمانڊ تصديق ڪئي آهي ته اينڪريج کان ڪيپ نيو نيهام ويندڙ جهاز ڪيپ نيو نيهام ايئرپورٽ ويجهو ڪري تباهه ٿيو. آمريڪي فيڊرل ايويئيشن موجب جهاز ۾ 2 پائليٽ ۽ 6 مسافر سوار هئا، جيڪي حادثي ۾ فوت ٿي ويا. آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته حادثي جو سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته اختيارين حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.