آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ چيو آهي ته اڄ کان ايران خلاف معاشي ”ڊي ڊي“ جو آغاز ٿي رهيو آهي. آمريڪي ناڻي واري وزير موجب صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جون فوجي صلاحيتون تباهه ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته ايران جون لڳ ڀڳ 100 سيڪڙو فوجي ڪارخانا پڻ تباهه ڪيا ويا آهن.
هن چيو ته اڄ کان ايران خلاف معاشي ڊي ڊي شروع ٿي رهي آهي، جيڪا ڪنهن به مخالف خلاف هن وقت تائين جي سڀ کان وڏي مالي ڪارروائي هوندي. آمريڪي ناڻي واري وزير موجب ايران جو جوهري پروگرام دفن ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي آمريڪا فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي.