تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران ڳالهين ۾ مڪمل عدم اعتماد سان داخل ٿي رهيو آهي.
ايراني پرڏيهي وزير جرمن هم منصب سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته ايران پنهنجي عوام جي مفادن ۽ حقن جي تحفظ لاءِ ڀرپور طاقت سان وڙهڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
هن اهو به چيو ته ان موقف جو سبب آمريڪا طرفان هر هر واعدن جون ڀڃڪڙيون آهن.