ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
02 جون 2026
پختونخوا ؛ سالانہ ترقیاتی پروگرام کی چوتھی سہ ماہی کیلیے 25.5 ارب روپے جاری

پختونخوا ؛ سالانہ ترقیاتی پروگرام کی چوتھی سہ ماہی کیلیے 25.5 ارب روپے جاری

خيبر پختونخوا حڪومت سالياني ترقياتي پروگرام 2025-26 جي چوٿين ٽه ماهي لاءِ 25.5 ارب رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سرڪاري ذريعن موجب جاري ڪيل فنڊز ۾ انهن شعبن کي ترجيح ڏني وئي آهي جن جو سڌو سنئون تعلق عوامي ڀلائي ۽ سهولتن جي فراهمي سان آهي. صحت، تعليم، پيئڻ جي پاڻي ۽ صفائي، رستا، آبپاشي ۽ پاڻي جي انتظام، زراعت ۽ بلديات جي شعبن لاءِ وڏيون رقمون مختص ڪيون ويون آهن.

صحت جي شعبي لاءِ اسپتالن، بنيادي صحت مرڪزن ۽ جاري صحت پروگرامن لاءِ 1 ارب 40 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن.

پيئڻ جي پاڻي ۽ صفائي لاءِ 1 ارب 13 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن.

تعليم جي شعبي ۾ ابتدائي ۽ ثانوي تعليم لاءِ 69 ڪروڙ رپيا ۽ اعليٰ تعليم لاءِ 1 ارب 10 ڪروڙ 56 لک رپيا جاري ڪيا ويا آهن.

رابطن ۽ آمدرفت کي بهتر بڻائڻ لاءِ روڊن جي شعبي کي سڀ کان وڌيڪ 3 ارب 74 ڪروڙ 26 لک رپيا جاري ڪيا ويا آهن.

آبپاشي، ٻوڏ کان بچاءَ ۽ پاڻي جي انتظام جي منصوبن لاءِ 3 ارب 73 ڪروڙ 44 لک رپيا جاري ڪيا ويا آهن.

زراعت جي شعبي لاءِ 58 ڪروڙ 91 لک رپيا ۽ بلديات لاءِ 1 ارب 77 ڪروڙ 65 لک رپيا مختص ڪيا ويا آهن.


ٽيگس:
شيئر ڪريو: