وچ آفريڪي جمهوريه: وچ آفريڪي جمهوريه ۾ سون جي کاڻ ڪرڻ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا
پرڏيهي ميڊيا موجب، وچ آفريڪي جمهوريه ۾ ڪيمرون جي سرحد ويجهو زيمبوئي ڳوٺ ۾ سون جي هڪ کاڻ اوچتو ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا.
مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته کاڻ ڪرڻ جي سببن ۽ ان کي هلائيندڙ ماڻهن بابت جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن کي بچائڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي ۽ فوتگين ۾ وڌيڪ اضافي جو خدشو آهي.
وچ آفريڪي جمهوريه جي پاڙيسري ملڪ ڪيمرون زخمين کي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي آهي.