ايران ۾ قدرتي گئس جا نوان ذخيرا دريافت ڪيا ويا آهن. ايراني خابرو اداري موجب ڏکڻ صوبي فارس ۾ دريافت ٿيل نئين گئس فيلڊ ۾ 7.5 ٽريلين ڪيوبڪ فوٽ کان وڌيڪ گئس موجود آهي
ايراني تيل واري وزير محسن پاڪ نژاد موجب نئين گئس فيلڊ مان تقريبن 5.7 ٽريلين ڪيوبڪ فوٽ گئس حاصل ڪري سگهجي ٿي، جيڪا ايران جي وڏي گئس فيلڊ ڏکڻ پارس جي هڪ مرحلي مان تقريبن 15 سالن جي پيداوار جي برابر آهي.
تيل واري وزير ٻڌايو ته نئين گئس فيلڊ ۾ موجود گئس ”سوئيٽ گئس“ آهي، جنهن سبب ان جي ترقي ۽ پيداوار جا خرچ گهٽ رهندا. سندس موجب نئين گئس فيلڊ ۾ گئس ڪنڊينسيٽ جا پڻ نمايان ذخيرا موجود آهن، جيڪي ايران لاءِ اربين ڊالرن جي نئين آمدني جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا.