اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري 27هين آئيني ترميمي بل تي صحيحون ڪري ڇڏيون، جيڪو ٻنهي ايوانن — قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ — مان منظوري حاصل ڪري چڪو هو. صدر جي صحيحون ڪرڻ کان پوءِ، هي بل هاڻ پاڪستان جي آئين جو حصو بڻجي ويو آهي.
هي ترميمي بل قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظوري کانپوءِ سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران پارلياماني معاملن واري وزارت ڏانهن موڪليو ويو هو.
بعد ۾، پارلياماني معاملن واري وزارت بل کي صدر جي منظوري لاءِ پيش ڪيو،
جتي صدر جي صحيحون کان پوءِ قانون واري وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ترميم کي آفيسيل بڻايو.
ماهرن موجب، 27هين آئيني ترميم پاڪستان جي عدالتي ۽ آئيني نظام ۾ اهم تبديليون آڻيندي، ملڪ جي سياسي ۽ قانوني منظرنامي تي اثرانداز ٿيندي.