آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تسليم ڪيو آهي ته جيڪڏهن مڊ ٽرم چونڊن ۾ ريپبلڪن پارٽي کي شڪست ملي ته ڊيموڪريٽس سندس مواخذو ڪندا.
صدر ٽرمپ هڪ ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته مڊ ٽرم چونڊن ۾ جيڪڏهن ريپبلڪن شڪست کاڌي ته ڊيموڪريٽس سندس خلاف مواخذي جي ڪارروائي شروع ڪندا. ريلي دوران ٽرمپ خلاف آواز بلند ڪرڻ ۽ سندس تقرير ۾ خلل وجهڻ تي هڪ شخص کي ٻاهر ڪڍيو ويو.
ٽرمپ مڊ ٽرم چونڊن ۾ ريپبلڪن اميدوارن جي حمايت لاءِ وڏي رقم خرچ ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو.
آمريڪي صدر چيو ته سندس سياسي آپريشن وٽ لڳ ڀڳ 85 ڪروڙ ڊالر موجود آهن ۽ هو 2026ع جي مڊ ٽرم چونڊن ۾ پنهنجي پسند جي ريپبلڪن اميدوارن جي حمايت لاءِ ان رقم جو وڏو حصو خرچ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.