دبئي: آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارات ملٽري آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
اماراتي اختيارين موجب ابوظبي ۾ آمريڪي ۽ اماراتي ٽاسڪ فورس قائم ڪئي ويندي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جا 20 ماهر شامل هوندا.
اماراتي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽاسڪ فورس جو نالو ”ٽيلون سائنپس“ رکيو ويو آهي، جيڪا آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ سائبر سيڪيورٽي جي شعبن ۾ ڪم ڪندي.
اختيارين موجب ٽاسڪ فورس انٽيليجنس معاونت ۽ اهم تنصيبات جي تحفظ تي ڌيان ڏيندي، جڏهن ته علائقائي سيڪيورٽي جي نگراني پڻ ان جي اهم ترجيحن ۾ شامل هوندي.
اماراتي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽاسڪ فورس جلد ئي پنهنجو ڪم شروع ڪندي.