ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
31 اگست 2026
75 ملڪن جي مهاجر ويزا جي ڪارروائي روڪڻ واري ٽرمپ انتظاميا جي پاليسي رد

75 ملڪن جي مهاجر ويزا جي ڪارروائي روڪڻ واري ٽرمپ انتظاميا جي پاليسي رد

آمريڪي عدالت 75 ملڪن جي مهاجر ويزا جي ڪارروائي روڪڻ واري ٽرمپ انتظاميا جي پاليسي رد ڪري ڇڏي آهي

خبر ايجنسي موجب جن 75 ملڪن جي مهاجر ويزا جي ڪارروائي روڪڻ واري پاليسي رد ڪئي وئي، انهن ۾ پاڪستان، بنگلاديش، ايران ۽ روس پڻ شامل آهن.

نيويارڪ جي ضلعي جج گذريل ڏينهن ٽرمپ انتظاميا جي ويزا پاليسي کي ڪالعدم قرار ڏيندي چيو ته اها پاليسي پرڏيهي معاملن واري وزير مارڪو روبيو جي قانوني اختيارن کان تجاوز ڪري ٿي. جج موجب جنوري ۾ لاڳو ڪيل ويزا پاليسي واضح طور غير قانوني هئي ۽ اها وفاقي اميگريشن قانون سان ٽڪراءَ ۾ هئي.

خبر ايجنسي موجب آمريڪي جج اهو فيصلو مهاجرن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن طرفان داخل ڪيل ڪيس ۾ ٻڌايو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جو موقف هو ته پاليسي ۾ شامل ملڪن جا شهري آمريڪا لاءِ عوامي بوجھ بڻجي سگهن ٿا، جنهن سبب 75 ملڪن لاءِ آمريڪي مهاجر ويزا جي ڪارروائي جنوري کان روڪي وئي هئي.

ٻئي طرف آمريڪي عدالت جي فيصلي تي آمريڪي پرڏيهي کاتي طرفان اڃا تائين ڪو تبصرو ناهي ڪيو ويو.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
آمريڪا جو ڏکڻ ڪوريا سان فوجي مشقون مقرر وقت کان هڪ هفتو اڳ ختم ڪرڻ جو فيصلو
آمريڪا جو ڏکڻ ڪوريا سان فوجي مشقون مقرر وقت کان هڪ…
19 Aug 2026
آمريڪا کي حملن لاءِ پنهنجي سرزمين فراهم ڪندڙ ملڪن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي: ايراني آرمي چيف
آمريڪا کي حملن لاءِ پنهنجي سرزمين فراهم ڪندڙ ملڪن …
19 Aug 2026
وچ آفريڪي جمهوريه ۾ سون جي کاڻ ڪرڻ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهو فوت
وچ آفريڪي جمهوريه ۾ سون جي کاڻ ڪرڻ سبب 100 کان وڌي…
20 Aug 2026
آمريڪي رياست الاسڪا ۾ چارٽر جهاز ڪري تباهه، 8 ڄڻا فوت
آمريڪي رياست الاسڪا ۾ چارٽر جهاز ڪري تباهه، 8 ڄڻا …
21 Aug 2026
بنگلاديش پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو
بنگلاديش پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي…
22 Aug 2026
آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارات ملٽري آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽاسڪ فورس جو اعلان ڪري ڇڏيو
آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارات ملٽري آرٽيفيشل انٽيليجنس …
22 Aug 2026
مڊ ٽرم چونڊن ۾ ريپبلڪن هاريا ته ڊيموڪريٽس مواخذو ڪندا، صدر ٽرمپ کي خدشو
مڊ ٽرم چونڊن ۾ ريپبلڪن هاريا ته ڊيموڪريٽس مواخذو ڪ…
22 Aug 2026
امریکی وزیر خزانہ اسکاٹ بیسنٹ نے کہا ہے کہ ایران کے خلاف آج سے اقتصادی ڈی ڈے کا آغاز ہورہا ہے۔   امریکی وزیر خزانہ نے کہ
امریکی وزیر خزانہ اسکاٹ بیسنٹ نے کہا ہے کہ ایران ک…
24 Aug 2026
ايران وٽ عالمي واپاري رستا مڪمل طور بند ڪرڻ جي صلاحيت ناهي: جي ڊي وينس
ايران وٽ عالمي واپاري رستا مڪمل طور بند ڪرڻ جي صلا…
24 Aug 2026
ايران ۾ قدرتي گئس جا نوان ذخيرا دريافت
ايران ۾ قدرتي گئس جا نوان ذخيرا دريافت
24 Aug 2026