آمريڪا ڏکڻ ڪوريا سان جاري فوجي مشقون مقرر وقت کان هڪ هفتو اڳ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي
آمريڪي دفاعي اداري پينٽاگون جي هڪ عهديدار جو چوڻ آهي ته آمريڪا ڏکڻ ڪوريا سان فوجي مشقن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي آهي ۽ هاڻي اهي مشقون مقرر وقت کان هڪ هفتو اڳ مڪمل ٿينديون.
پينٽاگون جي عهديدار موجب مشقن جي مدي ۾ تبديلي باوجود فوجي تياري ۽ تربيت جا هدف برقرار رهندا.
آمريڪا طرفان فوجي مشقون مقرر وقت کان اڳ ختم ڪرڻ واري فيصلي تي ردعمل ڏيندي ڏکڻ ڪوريا جي پرڏيهي وزير چيو ته ڏکڻ ڪوريا ۽ آمريڪي اختيارين کي ٽرمپ جي فيصلي جي اڳواٽ ڄاڻ نه هئي.
ڏکڻ ڪوريا جي پرڏيهي وزير موجب ٽرمپ جي پيغام ۾ ايران جنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڏکڻ ڪوريا تي دٻاءُ وجهڻ جو اشارو نظر اچي ٿو.