ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 اپریل 2026
ٽن سالن ۾ 100 ارب ڊالر ٻاهر منتقل، حڪومت واپارين خلاف ڏنڊو کڻي ورتو

ٽن سالن ۾ 100 ارب ڊالر ٻاهر منتقل، حڪومت واپارين خلاف ڏنڊو کڻي ورتو

ڪراچي (رپورٽر) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي فيڊريشن هائوس ڪراچي ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته گذريل ٽن چئن سالن ۾ 100 ارب ڊالر پاڪستان کان ٻاهر ويا آهن. هن واپاري برادري کي درخواست ڪئي ته جيڪڏهن هو پنهنجي رقم جو رڳو 30 سيڪڙو حصو به واپس آڻين ته بجٽ کان اڳ ملڪ ۾ 10 ارب ڊالر اچي سگهن ٿا. محسن نقوي چيو ته حڪومت واپارين کي ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. جنيوئن بزنس مين لاءِ ڌار پاسپورٽ جاري ڪرڻ جي تجويز آهي ته جيئن انهن کي آمريڪا، يورپ ۽ چين جي ويزا حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي نه ٿئي. هن انڪشاف ڪيو ته ڪراچي ۾ ڪجهه گروپن پاران غير قانوني طور پئسا ٻاهر موڪلڻ جون ثبوت مليا آهن، جن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته مني چينجرز جو ڪردار مشڪوڪ آهي، ڇاڪاڻ ته ڪو به سياح انهن کان پئسا تبديل نٿو ڪرائي، اهي رڳو پئسا ٻاهر موڪلڻ لاءِ استعمال ٿين ٿا. هن چيو ته اسلام آباد ۾ هڪ نئون شهر اڏيو پيو وڃي جيڪو شنگهائي ۽ مين هيٽن جو ميلاپ هوندو، جتي سيڙپڪاري جا وڏا موقعا آهن. ان سان گڏ بلوچستان جي ٻيٽن تي سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ روڊ شو منعقد ڪيا ويندا ته جيئن ماڻهو مالديپ بدران پاڪستان جو رخ ڪن. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي وفاقي ايوانِ تجارت ۾ خطاب ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته گذريل ٽن کان چئن سالن دوران 100 ارب ڊالرن جي رقم پاڪستان مان ٻاهر موڪلي وئي آهي. هن انتيائي سخت لهجي ۾ چيو ته جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته پئسن جي منتقلي جو پتو نٿو لڳائي سگهجي ته اها خام خيالي آهي؛ ڪراچي مان رڳو هڪ يا ٻن بااثر ماڻهن کي پڪڙڻ سان سڄي حقيقت سامهون اچي ويندي. محسن نقوي وڌيڪ چيو ته اسان نٿا چئون ته سڄي رقم واپس آڻيو، پر جيڪڏهن واپاري برادري پنهنجي ٻاهر پيل رقم جو رڳو 30 سيڪڙو به واپس آڻي ته بجيٽ کان اڳ ملڪ ۾ 10 ارب ڊالر اچي سگهن ٿا. هن مني چينجرز جي ڪردار تي سوال اٿاريا ۽ چيو ته اهي رڳو پئسا ٻاهر موڪلڻ لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن. هن واپارين کي خاطري ڪرائي ته حڪومت کين مڪمل سيڪيورٽي ۽ سهولتون ڏيندي.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
سنڌ جي عوام لاءِ خوشخبري، سکر کان شڪارپور تائين پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان
سنڌ جي عوام لاءِ خوشخبري، سکر کان شڪارپور تائين پي…
15 Apr 2026
ڪراچي ۾ رهڻ ائين آهي جيئن پيرس ۾ رهڻ: شرميلا فاروقي
ڪراچي ۾ رهڻ ائين آهي جيئن پيرس ۾ رهڻ: شرميلا فاروق…
15 Apr 2026
ڪراچي ۾ گرمي جي شدت گهٽجڻ، لاڙڪاڻي ۾ آنڌاري ۽ برسات جو امڪان
ڪراچي ۾ گرمي جي شدت گهٽجڻ، لاڙڪاڻي ۾ آنڌاري ۽ برسا…
15 Apr 2026
خواهشون ته وڏيون آهن پر جيڪو نصيب ۾ هوندو ملندو: بابر اعظم
خواهشون ته وڏيون آهن پر جيڪو نصيب ۾ هوندو ملندو: ب…
15 Apr 2026
عوام کي شام 5 وڳي کان رات هڪ وڳي دوران اڍائي ڪلاڪ بجلي نه ملندي!
عوام کي شام 5 وڳي کان رات هڪ وڳي دوران اڍائي ڪلاڪ …
16 Apr 2026
پاڪستان جون امن لاءِ ڪوششون جاري، وزيراعظم سعودي عرب ۽ فيلڊ مارشل ايران پهچي ويو
پاڪستان جون امن لاءِ ڪوششون جاري، وزيراعظم سعودي ع…
16 Apr 2026
ڪراچي کي پيرس سان ڀيٽڻ تي شرميلا فاروقي سوشل ميڊيا تي مذاق بڻجي وئي
ڪراچي کي پيرس سان ڀيٽڻ تي شرميلا فاروقي سوشل ميڊيا…
16 Apr 2026
سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ، تولو هڪ ڀيرو ٻيهر 5 لکن کان ٽپي ويو
سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ، تولو هڪ ڀيرو ٻيهر 5 لکن کان…
16 Apr 2026
ٽنڊو مستي ۾ هجوم آڏو ناري بيدريءَ سان قتل، وڊيو وائرل ٿيڻ تي پوليس حرڪت ۾ اچي وئي
ٽنڊو مستي ۾ هجوم آڏو ناري بيدريءَ سان قتل، وڊيو وا…
16 Apr 2026
عليزي شاهه پيسن عيوض نامناسب آڇ ڪندڙ شخص جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا
عليزي شاهه پيسن عيوض نامناسب آڇ ڪندڙ شخص جا پول پڌ…
16 Apr 2026