ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا عليزي شاهه سوشل ميڊيا واهپيدار طرفان ٿيندڙ انتهائي غير اخلاقي آڇ کي وائکو ڪري ڇڏيو.
عليزي شاهه پنهنجي انسٽا اسٽوري تي هڪ سوشل ميڊيا واهپيدار طرفان وصول ٿيندڙ ميسيجن جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو ۽ ڪيپشن ۾ لکيو ته هي اسڪرين شاٽ ان شخص جي سڄي خاندان ۽ انهن ماڻهن تائين پهچڻ گهرجي، جن سان گڏ هي ڪم ڪندو آهي.
اداڪارا وڌيڪ لکيو ته ان جي مرد هجڻ جي لعنت آهي، غير اخلاقي آڇ ڪندڙ واهپيدار مون کي بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجو انسٽاگرام اڪائونٽ به ڊليٽ ڪري ڇڏيو آهي، مون کي ان جو ڪمينٽ سيڪشن ڏسي ڏاڍو مزو آيو.
عليزي شاهه ان موقعي تي پنهنجي حمايت ۾ سامهون ايندڙ واهپيدارن سان محبت جو اظهار به ڪيو.