ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
02 جون 2026
ڪراچي ۾ عيد دوران هيٽ ويو جو ڪيترو امڪان؟ موسميات کاتي اڳڪٿي ڪري ڇڏي۔

ڪراچي ۾ عيد دوران هيٽ ويو جو ڪيترو امڪان؟ موسميات کاتي اڳڪٿي ڪري ڇڏي۔

سنڌ ۾ عيد الاضحيٰ دوران سخت گرمي جي لهر (هيٽ ويو) جو امڪان آهي، جنهن سبب درجا حرارت ۾ 4 کان 6 ڊگري تائين واڌ ٿي سگهي ٿي۔

موسميات کاتي موجب 25 مئي تي مٿين فضائن ۾ هڪ هاءِ پريشر سسٽم ٺهڻ جو امڪان آهي، جيڪو 26 مئي تائين وڌيڪ طاقتور ٿي سگهي ٿو۔

هن سسٽم تحت 25 کان 31 مئي تائين سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ وچولي کان سخت هيٽ ويو جهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي۔

سخت گرمي سبب سکر، شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، موهن جو دڙو، دادو، شهيد بينظير آباد، گھوٽڪي، خيرپور، نوشهرو فيروز ۾ درجا حرارت 47 کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌي سگهي ٿو۔

ٻهراڙي سنڌ جي ٿرپارڪر، بدين، حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، عمرڪوٽ، ميرپور خاص، ڄامشورو ۽ سانگهڙ ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي 44 کان 47 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿي۔

ٻئي پاسي ڪراچي ۾ هيٽ ويو جو امڪان ناهي، پر موسم گرم ۽ گهڻو نمي وارو رهڻ جي توقع آهي، جنهن سبب وڌ ۾ وڌ گرمي 37 ۽ گهٽ ۾ گهٽ 27 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿي سگهي ٿي۔

گرمي دوران صبح جي وقت هوا ۾ نمي جو تناسب 70 کان 80 سيڪڙو ۽ شام جي وقت 55 کان 65 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي۔ نمي وڌيڪ هجڻ سبب گرمي اصل درجي حرارت کان وڌيڪ محسوس ٿي سگهي ٿي۔

موسميات کاتي گرمي جي لهر دوران ٻارن، عورتن ۽ بزرگ شهرين کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي۔ غير ضروري طور تي سج ۾ نڪرڻ کان پاسو ڪيو (خاص طور تي 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين) ۽ گرمي دوران پاڻي جو استعمال وڌايو۔

ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
موسميات کاتي ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران هڪ نئون موسمي سسٽم داخل ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي
موسميات کاتي ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران هڪ نئون …
28 Sep 2025

جسم ۾ توانائي ۽ پاڻي جي کوٽ کان بچڻ لاءِ سحري ۾ ڪهڙيون غذائون استعمال ڪجن؟ ڄاڻيو
جسم ۾ توانائي ۽ پاڻي جي کوٽ کان بچڻ لاءِ سحري ۾ ڪه…
17 Mar 2026
اڄڪلهه هنڌ هنڌ ريڙهين تي ملندڙ چڪون کائڻ جا فائدا ڄاڻيو
اڄڪلهه هنڌ هنڌ ريڙهين تي ملندڙ چڪون کائڻ جا فائدا …
15 Apr 2026
ڇا توهان کي به رات جو اگهور ننڊ باوجود سڄو ڏينهن ننڊ جي طلب رهندي آهي؟
ڇا توهان کي به رات جو اگهور ننڊ باوجود سڄو ڏينهن ن…
20 Apr 2026
ڪانگو ۽ يوگنڊا ۾ ايبولا ڪيس وڌڻ بعد پاڪستان ۾ ايئرپورٽن تي نگراني سخت
ڪانگو ۽ يوگنڊا ۾ ايبولا ڪيس وڌڻ بعد پاڪستان ۾ ايئر…
23 May 2026
ڪراچي: عيد جي ڏينهن ۾ وڌيڪ گوشت کائڻ سبب شهر جي اسپتالن ۾ مريضن جو رش ڏسڻ ۾ آيو۔
ڪراچي: عيد جي ڏينهن ۾ وڌيڪ گوشت کائڻ سبب شهر جي اس…
30 May 2026
جعلي دوائن جي خاتمي لاءِ اهم قدم، وفاقي ڪابينا ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي منظوري ڏئي ڇڏي
جعلي دوائن جي خاتمي لاءِ اهم قدم، وفاقي ڪابينا ٽري…
02 Jun 2026