راولپنڊي—چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته افغان طالبان رجيم کي واضح پيغام ڏنو ويو آهي ته انهن وٽ “خارجين يا پاڪستان” مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به آپشن ناهي. هو چوندا رهيا ته پاڪستان پنهنجي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري بابت ڪنهن به قسم جي لچڪ نٿو ڏيکاري سگهي.
جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، جتي ٽنهي هٿياربند فوجن جي دستن سلامي پيش ڪئي. ان موقعي تي هوائي ۽ سامونڊي فوج جا سربراهه پڻ موجود هئا.
تقريب دوران خطاب ڪندي فيلڊ مارشل چيو ته نئين قائم ڪيل دفاعي فورسز هيڊ ڪوارٽر جو قيام بنيادي ۽ تاريخي تبديلي آهي، جيڪا مستقبل جي ملٽي ڊومين آپريشنز کي وڌيڪ مربوط ۽ موثر بڻائيندي. هن چيو ته ٽنهي هٿياربند فوجون پنهنجي انفرادي آپريشنل تيارين کي برقرار رکندي، جڏهن ته ڊفينس فورسز هيڊ ڪوارٽر سڀني سروسز جي گڏيل آپريشنز کي هم آهنگ ڪندو.
فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته ڀارت ڪنهن به قسم جي خوش فهمي ۾ مبتلا نه رهي، ڇو ته پاڪستان جو ايندڙ جواب اڳ کان وڌيڪ سخت ۽ تيز هوندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي، پر اسان ڪنهن به قوت کي ملڪ جي خودمختياري ۽ سلامتي کي للڪارڻ جي اجازت نه ڏينداسين.
فيلڊ مارشل موجب پاڪستان نا قابلِ تسخير تصور آهي ۽ ان جو بنياد بهادرن، ايمان، ۽ متحد قوم جي پختي عزم تي بيٺل آهي.