ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
14 فروری 2026
طالبان وٽ ’خارجين يا پاڪستان‘ مان چونڊ جو واحد آپشن آهي: فيلڊ مارشل عاصم منير

طالبان وٽ ’خارجين يا پاڪستان‘ مان چونڊ جو واحد آپشن آهي: فيلڊ مارشل عاصم منير

راولپنڊي—چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته افغان طالبان رجيم کي واضح پيغام ڏنو ويو آهي ته انهن وٽ “خارجين يا پاڪستان” مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به آپشن ناهي. هو چوندا رهيا ته پاڪستان پنهنجي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري بابت ڪنهن به قسم جي لچڪ نٿو ڏيکاري سگهي.

جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، جتي ٽنهي هٿياربند فوجن جي دستن سلامي پيش ڪئي. ان موقعي تي هوائي ۽ سامونڊي فوج جا سربراهه پڻ موجود هئا.

تقريب دوران خطاب ڪندي فيلڊ مارشل چيو ته نئين قائم ڪيل دفاعي فورسز هيڊ ڪوارٽر جو قيام بنيادي ۽ تاريخي تبديلي آهي، جيڪا مستقبل جي ملٽي ڊومين آپريشنز کي وڌيڪ مربوط ۽ موثر بڻائيندي. هن چيو ته ٽنهي هٿياربند فوجون پنهنجي انفرادي آپريشنل تيارين کي برقرار رکندي، جڏهن ته ڊفينس فورسز هيڊ ڪوارٽر سڀني سروسز جي گڏيل آپريشنز کي هم آهنگ ڪندو.

فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته ڀارت ڪنهن به قسم جي خوش فهمي ۾ مبتلا نه رهي، ڇو ته پاڪستان جو ايندڙ جواب اڳ کان وڌيڪ سخت ۽ تيز هوندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي، پر اسان ڪنهن به قوت کي ملڪ جي خودمختياري ۽ سلامتي کي للڪارڻ جي اجازت نه ڏينداسين.

فيلڊ مارشل موجب پاڪستان نا قابلِ تسخير تصور آهي ۽ ان جو بنياد بهادرن، ايمان، ۽ متحد قوم جي پختي عزم تي بيٺل آهي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
موسميات کاتي ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران هڪ نئون موسمي سسٽم داخل ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي
موسميات کاتي ملڪ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران هڪ نئون …
28 Sep 2025
پئسا ڪنهن جا ڪِريا آهن؟“—اسيمبلي ۾ اسپيڪر جي اعلان تي 12 ايم اين ايز هٿ مٿي
پئسا ڪنهن جا ڪِريا آهن؟“—اسيمبلي ۾ اسپيڪر جي اعلان…
08 Dec 2025
ذهني مريض سان ڊاڪٽر ئي ڳالهائي سگهي ٿو“—مريم اورنگزيب جو پي ٽي آءِ باني تي سخت ردعمل
ذهني مريض سان ڊاڪٽر ئي ڳالهائي سگهي ٿو“—مريم اورنگ…
08 Dec 2025
پي ٽي آءِ تي پابندي؟ بئريسٽر گوهر اهم سوال اُٿاري ڇڏيو
پي ٽي آءِ تي پابندي؟ بئريسٽر گوهر اهم سوال اُٿاري …
08 Dec 2025
راشد محمود: سنڌ جو ورهاڱو قبول ناهي، پنجاب ۽ ڪي پي جي عوام لاءِ نوان صوبا ٺاهي سگهجن ٿا
راشد محمود: سنڌ جو ورهاڱو قبول ناهي، پنجاب ۽ ڪي پي…
19 Dec 2025
اقوام متحدہ جي رپورٽ ڀارت جي غيرذميوار رياستي روين کي ظاهر ڪري ڇڏيو: صدر زرداري
اقوام متحدہ جي رپورٽ ڀارت جي غيرذميوار رياستي روين…
19 Dec 2025
گل پلازا سانحي جي چاج ۾ اهم اڳڀرائي، ملبي مان سي سي ٽي وي ڪيمرائن جون ڊي وي آرز هٿ
گل پلازا سانحي جي چاج ۾ اهم اڳڀرائي، ملبي مان سي س…
23 Jan 2026
توهان جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندس، 18 سالن کان گهٽ عمر وارن نوجوانن جون شاديون ڪرائيندس: مولانا فضل الرحمان
توهان جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندس، 18 سالن کان گهٽ عمر …
23 Jan 2026
ايمان مزاري ۽ سندس مڙس گرفتار
ايمان مزاري ۽ سندس مڙس گرفتار
23 Jan 2026
اين ايف سي ۽ انتظامي تبديلين جا حامي بلاول خلاف هڪ ٿي ويا؟
اين ايف سي ۽ انتظامي تبديلين جا حامي بلاول خلاف هڪ…
23 Jan 2026