صدر ملڪ آصف علي زرداري چيو آهي ته اقوام متحدہ جي انساني حقن جي ماهرن جي رپورٽ ڀارت جي غيرذميوار رياستي روين کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي.
آصف علي زرداري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته اقوام متحدہ جي انساني حقن جي ماهرن جي رپورٽ پاڪستان جي ڊگهي عرصي واري موقف جي تصديق آهي.
هن چيو ته رپورٽ ڀارت جي غيرذميوار رياستي روين کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، ٻيا ملڪن ۾ ڀارتي مداخلت ۽ قتل و غارت جون رپورٽون خطرناڪ رجحان آهن.
صدر ملڪ چيو ته پاڻي جي وهڪري کي متاثر ڪرڻ واريون ڪارروايون پاڪستان جي حقن جي ڀڃڪڙي آهن، قانون ۽ ڳالهين جي بدران ڌمڪي، طاقت ۽ تشدد ڀارت جي عادت آهي، ڀارت اقليتن کي ديوار سان لڳائڻ واري پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي.