ڪراچي، پاڪستان
16 دسمبر 2025
پئسا ڪنهن جا ڪِريا آهن؟“—اسيمبلي ۾ اسپيڪر جي اعلان تي 12 ايم اين ايز هٿ مٿي

پئسا ڪنهن جا ڪِريا آهن؟“—اسيمبلي ۾ اسپيڪر جي اعلان تي 12 ايم اين ايز هٿ مٿي

اسلام آباد—قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران هڪ دلچسپ ۽ غير معمولي واقعو پيش آيو، جنهن ايوان کي ٽهڪن سان ڀري ڇڏيو. اجلاس دوران ڪنهن ميمبر جا پئسا ايوان جي فرش تي ڪري پيا، جن کي اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق هٿ ۾ کڻي ميمبرن کي ڏيکاريو.

اسپيڪر اعلان ڪيو ته اپوزيشن جي ايوان ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ڪنهن ميمبر جا پئسا پٽ تي ڪِريل نظر آيا آهن، تنهنڪري جنهن جا به آهن، اهي اچي وٺي سگهي ٿو. سندس ڳالھ ٻول بعد ڪيترائي ميمبر پنهنجي پئسن جو دعويٰ ڪرڻ لاءِ هٿ مٿي ڪرڻ لڳا.

اسپيڪر اياز صادق مرڪندي چيو ته ”اها به ڏسجي! پئسا واپس وٺڻ لاءِ 12 ميمبرن هٿ مٿي ڪيا آهن!“ هن ڳالهه تي سڄو ايوان کلڻ لڳو ۽ ڪجهه لمحن لاءِ اجلاس مڪمل طور تفريح جو منظر پيش ڪرڻ لڳو.

هي منظر اسيمبلي ۾ هڪ نادر ۽ مزاحيه واقعو بڻجي، جيڪو سوشل ميڊيا تي پڻ بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو: