فلم ’آئس پرنسس‘ سان شهرت ماڻيندڙ آمريڪي اداڪارا هيڊن پنيٽيئر 36 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. ميڊيا رپورٽن موجب اداڪارا جي موت جي تصديق سندس ترجمان طرفان ڪئي وئي آهي. هيڊن پنيٽيئر ۽ اداڪارا مشيل ٽريچٽن برگ 2005ع جي مشهور ڊزني فلم ’آئس پرنسس‘ ۾ گڏ اداڪاري ڪئي هئي. ان کان اڳ اداڪارا مشيل ٽريچٽن برگ پڻ گذريل سال فيبروري ۾ 39 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي. اداڪارا جي موت جو حتمي سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته سندس اوچتي موت تي مداح ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪري رهيا آهن. واضح رهي ته هيڊن پنيٽيئر آمريڪي ٽي وي سيريز سميت مختلف فلمن ۾ پڻ ڪم ڪري چڪي هئي.