پاڪستاني شوبز جا مشهور اداڪار ماهره خان ۽ فهد مصطفيٰ هن سال پڻ قومي اعزازن لاءِ چونڊجي نه سگهيا، جنهن جو سبب سامهون اچي ويو آهي. ٻئي اداڪار پاڪستاني فلم ۽ ڊراما انڊسٽري جا نمايان ستارا آهن ۽ ڪيترين ئي ڪامياب فلمن ۽ ڊرامن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪا آهن، جڏهن ته کين ملڪي ۽ عالمي سطح تي مختلف اعزاز پڻ ملي چڪا آهن.
رپورٽ موجب هن سال به قومي اعزازن جي فهرست ۾ ماهره خان ۽ فهد مصطفيٰ جا نالا شامل نه هئا، جڏهن ته سندن همعصر ۽ ڪجهه جونيئر اداڪارائن، جن ۾ مهوش حيات ۽ سجل علي شامل آهن، قومي اعزاز حاصل ڪري چڪيون آهن.
سنڌ جي ثقافت واري وزير ذوالفقار علي شاهه هڪ موقعي تي ڳالهائيندي ان معاملي بابت انڪشاف ڪيو. سندس چوڻ موجب سنڌ حڪومت طرفان ماهره خان ۽ فهد مصطفيٰ جا نالا قومي اعزاز لاءِ تجويز ڪيا ويا هئا، پر وفاقي حڪومت کين اعزاز ڏيڻ جي منظوري نه ڏني.
هي بيان ان موقعي تي سامهون آيو، جڏهن فهد مصطفيٰ جو والد ۽ مشهور اداڪار صلاح الدين تونيو پڻ تقريب ۾ موجود هو. ان انڪشاف کانپوءِ سوشل ميڊيا تي صارفين پاران مختلف ردعمل سامهون اچي رهيا آهن. ڪيترن ئي صارفين ماهره خان ۽ فهد مصطفيٰ کي قومي اعزاز جو حقدار قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻئي پاڪستاني شوبز جا وڏا ستارا آهن ۽ کين قومي سطح تي اعزاز ملڻ گهرجي.