پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي ماضي جي مشهور اداڪارا فريال گوهر پنهنجي زندگي جي سچي محبت ۽ ان سان لاڳاپيل هڪ افسوسناڪ واقعي جو انڪشاف ڪيو آهي
فريال گوهر هڪ پروگرام ۾ شرڪت دوران ٻڌايو ته سندس مڱڻي پنهنجي زندگي جي محبت سان ٿي هئي، جيڪو فلسطيني شهري ۽ فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات جو پائلٽ هو.
اداڪارا موجب هڪ ڀيري سندس مڱيندڙ جنهن جهاز کي اڏائي رهيو هو، اهو دورانِ پرواز شديد وارياسي طوفان ۾ ڦاسي ويو. جهاز ۾ محفوظ لينڊنگ لاءِ ڪافي ٻارڻ به موجود نه هو. اهڙي صورتحال ۾ سندس مڱيندڙ ياسر عرفات کي جهاز جي غسل خاني ۾ وٺي وڃي محفوظ ڪيو ۽ دروازو سيل ڪري ڇڏيو.
فريال گوهر ٻڌايو ته ياسر عرفات جي جان بچائڻ لاءِ سندس مڱيندڙ جهاز کي انتهائي خطرناڪ انداز ۾ هيٺ موڙيو، پر ان ڪوشش دوران هو پاڻ فوت ٿي ويو.
اداڪارا جو چوڻ هو ته اهو افسوسناڪ واقعو سندن شادي کان صرف ٻه هفتا اڳ پيش آيو. سندس مڱيندڙ کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو.
فريال گوهر ٻڌايو ته سندس مڱيندڙ وٽ هڪ لاڪيٽ هو، جيڪو هن پاڻ کيس ڏنو هو ۽ ان تي سندن شادي جي تاريخ لکيل هئي. فوت ٿيڻ کان اڳ هن اهو لاڪيٽ هڪ پاڪستاني ڊاڪٽر حوالي ڪندي درخواست ڪئي ته اهو فريال گوهر تائين پهچايو وڃي. ڪيترن ئي سالن کان پوءِ اهو پاڪستاني ڊاڪٽر فريال گوهر سان مليو ۽ سندس مڱيندڙ جي آخري نشاني، اهو ئي لاڪيٽ، کيس واپس ڪيو.
فريال گوهر هن واقعي کي پنهنجي زندگي جي اهڙي ياد قرار ڏنو، جنهن کي هوءَ اڄ تائين وساري نه سگهي آهي.