ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
31 اگست 2026
نيمل خاور وزن بابت ڳالهائيندڙن کي سخت جواب ڏئي ڇڏيو

نيمل خاور وزن بابت ڳالهائيندڙن کي سخت جواب ڏئي ڇڏيو

پاڪستان جي اڳوڻي اداڪارا ۽ حمزه علي عباسي جي گهرواري نيمل خاور پنهنجي وزن کي بحث جو موضوع بڻائيندڙ ماڻهن کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي

تازو نيمل خاور پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي هڪ تقريب جون ڪجهه تصويرون پوسٽ ڪيون، جيڪي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون. ڪيترن ئي پيجز انهن تصويرن کي شيئر ڪندي اندازو لڳايو ته شايد نيمل خاور اميد سان آهي.

انهن افواهن کانپوءِ اڳوڻي اداڪارا انسٽاگرام اسٽوري ذريعي اهڙن پيجز کي سخت جواب ڏنو. نيمل خاور چيو ته اها ڳالهه حيران ڪندڙ آهي ته ماڻهو عورتن جي جسم بابت تبصرو ڪندي ڪنهن به قسم جي هٻڪ محسوس نٿا ڪن. هن چيو ته سندس وزن ۾ تبديلي ٿي سگهي ٿي ۽ ضروري ناهي ته هوءَ اڄ به پنج سال اڳ وانگر نظر اچي.

نيمل خاور وڌيڪ چيو ته ماءُ بڻجڻ عورت جي جسم ۾ ڪيترين ئي تبديلين جو سبب بڻجي سگهي ٿو، جڏهن ته عمر، هارمونز، ذهني دٻاءُ، صحت، طرزِ زندگي ۽ حمل سميت مختلف عنصر به جسماني تبديلي جو سبب بڻجي سگهن ٿا. سندس چوڻ هو ته انهن مان ڪنهن به سبب جي بنياد تي ڪنهن عورت جي جسم يا وزن کي سرعام تنقيد جو نشانو بڻائڻ جو حق ڪنهن کي به نٿو ملي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
پاڻ کي ڪاڪروچ چوڻ واري جو تعلق گٽر سان جوڙڻ فطري ڳالهه آهي: ڪنگنا جو ٻيهر تڪراري بيان
پاڻ کي ڪاڪروچ چوڻ واري جو تعلق گٽر سان جوڙڻ فطري ڳ…
14 Aug 2026
آمريڪي اداڪارا هيڊن پنيٽيئر 36 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي
آمريڪي اداڪارا هيڊن پنيٽيئر 36 ورهين جي عمر ۾ لاڏا…
17 Aug 2026
دنيا جي جنگين سبب تيمور ۽ جي خوفزده آهن: سيف علي خان جو انڪشاف
دنيا جي جنگين سبب تيمور ۽ جي خوفزده آهن: سيف علي خ…
17 Aug 2026
عائزه خان ۽ دانش تيمور وچ ۾ عليحدگي جون افواهون، اداڪاره ردعمل ڏئي ڇڏيو
عائزه خان ۽ دانش تيمور وچ ۾ عليحدگي جون افواهون، ا…
18 Aug 2026
شاهه رخ خان جي گهر ’منت‘ مان نانگ نڪري آيا
شاهه رخ خان جي گهر ’منت‘ مان نانگ نڪري آيا
19 Aug 2026
بالي ووڊ اداڪار ڪارتيڪ آريان فلم جي شوٽنگ دوران زخمي، اسپتال منتقل
بالي ووڊ اداڪار ڪارتيڪ آريان فلم جي شوٽنگ دوران زخ…
19 Aug 2026
عائزه سان علحدگيءَ جي خبرن تي دانش تيمور نيٺ خاموشي ٽوڙي ڇڏي
عائزه سان علحدگيءَ جي خبرن تي دانش تيمور نيٺ خاموش…
20 Aug 2026
فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات جي پائلٽ سان منهنجي مڱڻي ٿي هئي: فريال گوهر جو انڪشاف
فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات جي پائلٽ سان منهنجي مڱڻي …
20 Aug 2026
ماهره خان ۽ فهد مصطفيٰ کي قومي اعزاز نه ملڻ جو سبب سامهون اچي ويو
ماهره خان ۽ فهد مصطفيٰ کي قومي اعزاز نه ملڻ جو سبب…
21 Aug 2026
ڪرينا ڪپور جي ٽئين حمل جون افواهون، خانداني ذريعن معاملو واضح ڪري ڇڏيو
ڪرينا ڪپور جي ٽئين حمل جون افواهون، خانداني ذريعن …
22 Aug 2026