اسلام آباد: ڪاروبار کي ايف بي آر نظام سان ڳنڍڻ ۾ ناڪامي تي 50 لک رپين تائين ڏنڊ لاڳو ٿيندو. فنانس ايڪٽ تحت ڪاروبار کي مانيٽرنگ، ٽريڪنگ، رپورٽنگ يا وڪري ۽ پيداوار جي رڪارڊ لاءِ ايف بي آر جي نظام سان مقرر مدي اندر ڳنڍڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. فنانس ايڪٽ 2026 تحت مقرر مدي اندر ڪاروبار کي ايف بي آر يا ان جي ڪمپيوٽرائزڊ نظام سان ڳنڍڻ ۾ ناڪامي تي 10 لک رپين تائين ڏنڊ لڳي سگهي ٿو، جڏهن ته پهرين سزا کان هڪ مهيني بعد به خلاف ورزي جاري رکڻ جي صورت ۾ 50 لک رپين تائين ٻيو ڏنڊ لاڳو ٿيندو.