پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي بنيادي قيمتن کان علاوه شهرين تي ڳرا اضافي خرچ لاڳو ڪيا پيا وڃن. شهرين کي هڪ ليٽر پيٽرول تي مجموعي طور 130 رپيا 75 پيسا، جڏهن ته هڪ ليٽر هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 122 رپيا 47 پيسا ليوي، ٽيڪس ۽ مختلف مارجنز ادا ڪرڻا پون ٿا.
هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي بنيادي لاڳت 245 رپيا 82 پيسا في ليٽر آهي، جڏهن ته ان جي مقرر ڪيل قيمت 368 رپيا 29 پيسا في ليٽر آهي. ڊيزل تي مجموعي طور 122 رپيا 47 پيسا ليوي، ٽيڪس ۽ مختلف مارجنز جي مد ۾ وصول ڪيا پيا وڃن.