اسلام آباد: عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي شرط پوري ڪرڻ لاءِ اربين ڊالرن جي بي ضابطگين کي ختم ڪندي درآمدي ڊيٽا اپڊيٽ ڪئي وئي آهي
آءِ ايم ايف جي شرطن تي عملدرآمد لاءِ پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس اربين ڊالرن جي بي ضابطگين کي درست ڪري درآمدي انگن اکرن تي ماهوار ۽ سالياني بنيادن تي نظرثاني ڪري ڊيٽا اپڊيٽ ڪري ڇڏي آهي.
آمدني ۽ واپار جي انگن اکرن ۾ هي تبديلي هڪ مخصوص عرصي دوران 30 ارب ڊالر تائين ٻڌائي پئي وڃي، جنهن سبب ان عرصي دوران ملڪ جي مجموعي قومي پيداوار تي پڻ گهرو اثر پيو آهي.
ان صورتحال کانپوءِ پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس درآمدي ڊيٽا کي اپڊيٽ ڪري معيشت جي مختلف اهم شعبن جي انگن اکرن ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.