اسلام آباد: ڪي اليڪٽرڪ تي هڪ سال دوران وفاقي حڪومت جا واجبات 93 سيڪڙو جي وڏي واڌ سان وڌي ويا آهن.
واجبات ۾ اضافي کانپوءِ جون 2026 تائين ڪي اليڪٽرڪ تي وفاقي حڪومت جا مجموعي واجبات وڌي 421 ارب رپين تائين پهچي ويا آهن، جيڪي جون 2025 جي مقابلي ۾ 203 ارب رپيا وڌيڪ آهن.