پاڪستاني اداڪار دانش تيمور پنهنجي گهرواري ۽ سپر اسٽار عائزه خان سان علحدگيءَ بابت گردش ڪندڙ افواهن تي نيٺ خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي
نمائندي پاران پڇيل سوال تي دانش تيمور چيو ته ”اسان خوشحال ازدواجي زندگي گذاري رهيا آهيون.“
اداڪار جو چوڻ هو ته ”عائزه خان منهنجي پيارن ٻارن جي ماءُ ۽ منهنجي زندگيءَ جي ساٿي آهي، ڪجهه ماڻهن کي اسان جي شاندار زندگي پسند نٿي اچي.“
دانش تيمور وڌيڪ چيو ته هو انهن ڏينهن پنهنجي پروجيڪٽ ۾ ڏينهن رات مصروف آهي ۽ فضول ڳالهين ۽ ڪوڙين خبرن تي ڌيان نٿو ڏئي.
ان کان اڳ عائزه خان به هڪ فين پيج طرفان پڇيل سوال جو جواب ڏيندي انهن افواهن کي رد ڪري چڪي آهي. اداڪارا واضح ڪيو هو ته سندس طلاق يا علحدگي بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرون بي بنياد ۽ جعلي آهن.