اسلام آباد: وفاقي حڪومت 10 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي وزير نيشنل فوڊ سيڪيورٽي رانا تنوير حسين چيو آهي ته ايندڙ هفتي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي ان بابت حتمي فيصلو ڪندي ته ڪڻڪ جي درآمد سرڪاري شعبي ذريعي ڪئي ويندي يا خانگي شعبي کي ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي. رانا تنوير حسين ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ايندڙ هفتي ڪڻڪ جي درآمد بابت فيصلو ڪيو ويندو. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پنجاب 8 لک ٽن، سنڌ 7 لک ٽن ۽ خيبرپختونخوا 5 لک ٽن ڪڻڪ جي ضرورت کان آگاهه ڪيو آهي.