اسلام آباد: پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپار ۽ اقتصادي سهڪار بابت ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، جڏهن ته ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب آمريڪي واپاري نمائندي جيميسن گرير سان ورچوئل ملاقات ڪئي.
ناڻي واري وزارت موجب، ملاقات دوران ٻطرفي واپاري فريم ورڪ کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
ناڻي واري وزير واشنگٽن ۾ ٿيل ڳالهين کانپوءِ ٿيل اڳڀرائي جو آڌرڀاءُ ڪندي چيو ته مضبوط واپاري ڀائيواري پاڪستان جي برآمدات ۾ واڌ جو سبب بڻجندي.
ناڻي واري وزارت موجب، پاڪستان ۽ آمريڪا ڳالهين کي جلد مڪمل ڪرڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.
ملاقات دوران ناڻي واري وزير آمريڪا سان واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏنو، جڏهن ته آمريڪي ايگزم بئنڪ سان سهڪار وڌائڻ جي ضرورت تي به اتفاق ڪيو ويو.
ناڻي واري وزارت موجب، آمريڪي واپاري نمائندي پاڪستان جي ليبر ۽ ريگيوليٽري سڌارن کي ساراهيو ۽ جبري پورهئي بابت سڌارن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
آمريڪي واپاري نمائندي چيو ته باقي معاملن کي ٽيڪنيڪل سطح تي ڳالهين ذريعي حل ڪيو ويندو.
ناڻي واري وزارت موجب، ٽيڪنيڪل ڳالهين ۾ تيزي آڻڻ، ويجهي رابطي کي برقرار رکڻ ۽ باهمي اقتصادي ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو ويو.