اسلام آباد: عالمي سيمي ڪنڊڪٽر ۽ اسمارٽ فون چپ مارڪيٽ ۾ وڌندڙ لاڳت سبب پاڪستان ۾ به موبائل فونن جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.
صنعتي ذريعن موجب، مصنوعي ذهانت (AI) لاءِ استعمال ٿيندڙ جديد ڊيٽا سينٽرن جي وڌندڙ طلب، ميموري چپس، ويفر مينوفيڪچرنگ، پيڪيجنگ ۽ ٻين اهم اليڪٽرانڪ پرزن جي قيمتن ۾ اضافي سبب اسمارٽ فون چپس جي تياري جي لاڳت نمايان طور وڌي وئي آهي.
هن واڌ جا اثر دنيا جي موبائل صنعت تي به پئجي رهيا آهن.
بين الاقوامي رپورٽن موجب، دنيا جي وڏي موبائل چپ ٺاهيندڙ ڪمپني Qualcomm پنهنجي گراهڪن کي آگاهه ڪيو آهي ته مختلف چپس جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي.