ملڪ ڀر ۾ في تولو سون جي قيمت ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولو سون جي قيمت ۾ 11 هزار 300 رپين جو اضافو ٿيو، جنهن کان پوءِ سون جي قيمت 4 لک 49 هزار 236 رپيا ٿي وئي آهي. ان کان علاوه 10 گرام سون جي قيمت 9 هزار 688 رپيا وڌي 3 لک 85 هزار 147 رپيا ٿي وئي آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي في اونس قيمت 113 ڊالر واڌ سان 4 هزار 268 ڊالر ٿي وئي آهي.