ڪراچي: پاڪستان ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ 1700 رپين جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سڄي ملڪ ۾ في تولو سون جي قيمت 1700 رپيا وڌي 4 لک 28 هزار 436 رپيا ٿي وئي آهي.
ايسوسيئيشن موجب اهڙيءَ ريت 10 گرام سون جي قيمت ۾ 1457 رپين جو اضافو ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ 10 گرام سون جي قيمت 3 لک 67 هزار 314 رپيا ٿي وئي آهي.
وڌيڪ اهو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 17 ڊالر واڌ سان 4060 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.