ڪراچي: ملڪ ۾ اڄ به سون جي قيمت ۾ وڏو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 5 هزار 200 رپين جي واڌ کانپوءِ نئين قيمت 4 لک 77 هزار 136 رپيا ٿي وئي آهي.
ان کان علاوه 10 گرام سون جي قيمت ۾ پڻ 4 هزار 558 رپين جو اضافو ٿيو، جنهن کانپوءِ 10 گرام سون 4 لک 9 هزار 67 رپين جو ٿي ويو آهي. ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 52 ڊالر وڌي 4 هزار 547 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.