حڪومت پيٽروليم شين جون نيون قيمتون جاري ڪري ڇڏيون آهن
پيٽروليم ڊويزن 6 آگسٽ کان لاڳو ٿيندڙ نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. جاري ڪيل اعلاميي موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 4 رپيا 45 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ نئين قيمت 333 رپيا 1 پئسو في ليٽر ٿي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 2 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 383 رپيا 86 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.