حڪومت درآمد ڪيل کنڊ مان هڪ لک 8 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي
جيو نيوز جي پروگرام ”اڄ شاهزيب خانزاده سان گڏ“ ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير براءِ فوڊ سيڪيورٽي رانا تنوير چيو ته حڪومت طرفان کنڊ برآمد ڪرڻ سان مقامي مارڪيٽ ۾ کنڊ جون قيمتون نه وڌنديون.
هن چيو ته ملڪ ۾ کنڊ جو وافر ذخيرو موجود آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ کنڊ جون قيمتون بهتر ٿيڻ سبب حڪومت ان ذخيري کي برآمد ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن ان کي بهتر اگهه تي وڪرو ڪري سگهجي.
ٻئي طرف عوام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ مفتاح اسماعيل حڪومت جي شوگر پاليسي تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته پهريان کنڊ برآمد ڪري مصنوعي کوٽ پيدا ڪئي وئي، ان کان پوءِ ضرورت کان وڌيڪ کنڊ درآمد ڪئي وئي ۽ هاڻي ان درآمد ڪيل کنڊ کي ٻيهر برآمد ڪيو پيو وڃي، جنهن جو سمورو نقصان پاڪستان جي عام شهرين کي برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي.