اسلام آباد: حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڊيلرز جي مارجن ۾ هڪ رپيو 34 پيسا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو اطلاق رات 12 وڳي کان ٿيندو. ذريعن موجب ڪابينا ڊويزن پاران ان سلسلي ۾ باقاعده نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
مارجن ۾ واڌ کانپوءِ پيٽرول تي ڊيلرز جو مارجن وڌي 9 رپيا 98 پيسا في ليٽر ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڊيزل تي پڻ ڊيلرز جو مارجن 9 رپيا 98 پيسا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ان کان اڳ پيٽرول ۽ ڊيزل ٻنهي تي ڊيلرز جو مارجن 8 رپيا 64 پيسا في ليٽر هو.