اسلام آباد: پاڪستان جي پهرين ڊجيٽل ريٽيل بئنڪ جي قيام بابت اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي
سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) موجب، هيوگو بئنڪ جي پيڊ اپ ڪيپيٽل ۾ هڪ ارب 50 ڪروڙ رپين جي واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ سنگاپور جي سيڙپڪارن جو گڏيل اتحاد ملڪ جي پهرين ڊجيٽل بئنڪ قائم ڪري رهيو آهي.
ايس اي سي پي جو چوڻ آهي ته هيوگو بئنڪ جا اسپانسرز 60 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندا، جڏهن ته هيوگو بئنڪ موبائل ۽ آن لائن پليٽ فارمن ذريعي بغير برانچ جي بئنڪنگ سهولتون فراهم ڪندي.
سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان موجب، هيوگو بئنڪ کي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان ڊجيٽل ريٽيل بئنڪ جي قيام لاءِ اصولي منظوري پڻ حاصل آهي.