پاڪستان تيل جي درآمد لاءِ نئون پاليسي فريم ورڪ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي
تفصيل موجب پاڪستان عالمي تيل فراهم ڪندڙن لاءِ هڪ نئون رستو کولڻ جي تياري ڪري رهيو آهي، جنهن تحت اهي پيٽروليم مصنوعات ملڪ ۾ آڻي، انهن کي ڪسٽمز بائونڊڊ اسٽوريج ۾ ذخيرو ڪري سگهندا ۽ مقامي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ ريفائنريز کي وڪرو يا ٻيهر برآمد ڪري سگهندا.
هي پاليسي فريم ورڪ غير ملڪي سپلائرز کي راغب ڪرڻ ۽ ملڪ جي توانائي جي سيڪيورٽي بفر کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.
ڪسٽمز بائونڊڊ اسٽوريج ذريعي درآمدي پاليسي 2026 تحت غير ملڪي سپلائرز لاءِ نوان ضابطا متعارف ڪرايا ويا آهن. انهن گائيڊ لائنز تحت عالمي سپلائرز کي اهو طريقو فراهم ڪيو ويو آهي ته اهي ملڪي ڊيوٽيز ۽ ٽيڪسن کي فوري طور لاڳو ڪرائڻ کانسواءِ پاڪستان ۾ پنهنجو اسٽاڪ برقرار رکي سگهن.
ان سان گڏ انهن کي وڌيڪ لچڪ پڻ حاصل هوندي ته هو پنهنجي اسٽاڪ کي مقامي مارڪيٽ ۾ فراهم ڪن يا ٻيهر برآمد (ري ايڪسپورٽ) ڪن.