آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد اڄ 8 آگسٽ کان غيرمعيّن مدت تائين هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
جيو نيوز سان ڳالهائيندي آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد جي صدر ملڪ شهزاد اعوان غيرمعيّن مدت واري هڙتال جي تصديق ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت ٽرانسپورٽ اتحاد کي سومر تي اجلاس لاءِ طلب ڪيو آهي.
ملڪ شهزاد اعوان جو چوڻ هو ته حڪومت سان ملاقات لاءِ ٽرانسپورٽ اتحاد جي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، اجلاس کانپوءِ ايندڙ لائحه عمل جي اعلان تائين هڙتال جاري رهندي.
هن ٻڌايو ته گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد جي ڪمشنر آفيس ۾ ٿيل ڳالهيون ناڪام ٿي ويون هيون.
آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ، پيٽروليم شين جي قيمتن جي روزاني بنيادن تي تعين ۽ ٽرانسپورٽ شعبي تي 7 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف احتجاج طور هڙتال ڪئي پئي وڃي.