آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ايران سان ڳالهين جي شروعات جي اعلان کان پوءِ اڄ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به واپار دوران زبردست تيزي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ آگسٽ جي پهرين واپاري ڏينهن جي شروعات مثبت انداز ۾ ٿي ۽ هن وقت 100 انڊيڪس 2708 پوائنٽن جي واڌ سان 178802 تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي.
ٻئي طرف ايشيائي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ ملا جلا رجحان ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي.
جاپان جو نڪي 1.5 سيڪڙو گهٽ ٿيو، جڏهن ته ڪورين ڪوسپي پڻ 5.25 سيڪڙو گهٽ ٿيو. ٻئي طرف هانگ ڪانگ جو هينگ سينگ 0.1 سيڪڙو مثبت آهي.