شهباز شريف حڪومت کي نئين مالي سال جي شروعات سان ئي برآمدات ۾ واڌ جي صورت ۾ اهم ڪاميابي ملي آهي
اداري شماريات جولاءِ 2026ع جا واپاري انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن.
علائقي ۾ غير يقيني صورتحال باوجود پاڪستان جي برآمدات ۾ نمايان اضافو ڏٺو ويو آهي، جڏهن ته نئين مالي سال جي پهرين مهيني دوران ماهوار بنيادن تي برآمدات ۾ 31.09 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
جولاءِ 2026ع ۾ سالياني بنيادن تي به برآمدات ۾ 9.54 سيڪڙو اضافو ٿيو.
انگن اکرن موجب جولاءِ دوران برآمدات جو حجم 2 ارب 93 ڪروڙ 90 لک آمريڪي ڊالر رهيو، جڏهن ته ان کان اڳ جون مهيني ۾ برآمدات جو حجم 2 ارب 24 ڪروڙ 20 لک آمريڪي ڊالر هو.