اسلام آباد: ملڪ ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ جا اثر مهانگائي تي نمايان ٿيڻ لڳا آهن، جنهن سبب هفتي وار مهانگائي ۾ وڌيڪ 0.49 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. وفاقي اداري شماريات پاران جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ موجب مجموعي سالاني مهانگائي جي شرح وڌي 9.66 سيڪڙو ٿي وئي آهي.
رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران 23 ضروري شين جون قيمتون وڌيون، 10 شين جون قيمتون گهٽيون، جڏهن ته 18 شين جي قيمتن ۾ ڪا تبديلي نه آئي. انگن اکرن مطابق پيٽرول 3.77 سيڪڙو، بصر 14.17 سيڪڙو ۽ ڪڪڙ جي گوشت جي قيمت 3.35 سيڪڙو وڌي وئي. ان کان علاوه چڻن جي دال، ٿوم ۽ چانهه سميت ٻين ڪيترين ئي شين جون قيمتون پڻ وڌيون.
ٻئي طرف هڪ هفتي دوران انڊن جي قيمت ۾ 5.78 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جڏهن ته ڊيزل 5.15 سيڪڙو، ٽماٽا 4.99 سيڪڙو ۽ آلو 1.17 سيڪڙو سستا ٿيا. رپورٽ موجب کنڊ، ايل پي جي ۽ ڪيلي جي قيمتن ۾ پڻ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.