پيٽروليم ليوي جي وصولي مالي سال 2025-26ع ۾ رڪارڊ 1567 ارب 45 ڪروڙ رپين تائين پهچي وئي
ذريعن موجب پيٽروليم ليوي جي وصولي حڪومتي هدف ۽ آءِ ايم ايف جي اندازي کان به وڌيڪ رهي، جڏهن ته ڪلائميٽ سپورٽ ليوي جي مد ۾ 50 ارب 16 ڪروڙ رپين جي الڳ وصولي ڪئي وئي.
ذريعن مطابق مالي سال 2025-26ع ۾ ليوي جي وصولي ۾ 347 ارب 24 ڪروڙ رپين جو اضافو ٿيو، جڏهن ته پيٽروليم ليوي جي وصولي حڪومتي هدف کان لڳ ڀڳ 100 ارب رپيا وڌيڪ رهي.
ذريعن موجب گذريل مالي سال ليوي جي وصولي آءِ ايم ايف جي اندازي کان 21 ارب رپيا وڌيڪ رهي. مالي سال 2025-26ع لاءِ آءِ ايم ايف پيٽروليم ليوي جي وصولي جو اندازو 1546 ارب رپيا لڳايو هو، جڏهن ته حڪومت پيٽروليم ليوي جي وصولي جو هدف 1468 ارب رپيا مقرر ڪيو هو.
مالي سال 2024-25ع ۾ پيٽروليم ليوي جي وصولي 1220 ارب 21 ڪروڙ رپيا هئي، جڏهن ته مالي سال 2023-24ع ۾ پيٽروليم ليوي جي مد ۾ وصولي 1019 ارب رپيا هئي. مالي سال 2022-23ع ۾ پيٽروليم ليوي جي مد ۾ وصولي 580 ارب رپيا هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت پيٽرول تي 80 رپيا في ليٽر پيٽروليم ليوي وصول ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 77 رپيا 28 پيسا في ليٽر جي حساب سان ليوي لاڳو آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل تي 5،5 رپيا في ليٽر جي حساب سان ڪلائميٽ سپورٽ ليوي به الڳ لاڳو آهي.