ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
01 ستمبر 2026
گذريل مالي سال نجي شعبي کي 11.38 کرب رپين جا قرض، 4 سالن جي بلند ترين سطح: خرم شهزاد

گذريل مالي سال نجي شعبي کي 11.38 کرب رپين جا قرض، 4 سالن جي بلند ترين سطح: خرم شهزاد


ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته گذريل مالي سال نجي شعبي کي 11.38 کرب رپين جا قرض ڏنا ويا، جيڪي گذريل 4 سالن جي بلند ترين سطح آهن

خرم شهزاد موجب مالي سال 2025-26 دوران نجي شعبي کي ڏنل قرضن ۾ لڳ ڀڳ 15 سيڪڙو اضافو ٿيو.

هن چيو ته نجي شعبي کي مالي سهڪار ذريعي ڪاروبار ۽ پيداواري سرگرمين کي هٿي ڏني پئي وڃي، جڏهن ته 89 سيڪڙو نوان قرض مينوفيڪچرنگ، هول سيل ۽ پرچون واپار، ۽ زراعت جهڙن شعبن کي ڏنا ويا.

خرم شهزاد چيو ته مينوفيڪچرنگ شعبي کي 657 ارب رپين جا نوان قرض مليا، جيڪي صنعتي سرگرمين ۽ پيداواري صلاحيت ۾ واڌ جي عڪاسي ڪن ٿا.

سندس چوڻ هو ته واپار ۽ زراعت ۾ مالي سهڪار سان پيداوار، ڪاروباري سرگرمين ۽ نجي سيڙپڪاري ۾ بهتري آئي آهي، جڏهن ته نجي شعبي ۾ وڌندڙ قرض ڪاروباري اعتماد ۽ معاشي استحڪام ڏانهن مثبت اڳڀرائي جو مظهر آهي.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
ڪاروبار ايف بي آر نظام سان ڳنڍڻ ۾ ناڪامي تي 50 لک رپين تائين ڏنڊ لاڳو ٿيندو
ڪاروبار ايف بي آر نظام سان ڳنڍڻ ۾ ناڪامي تي 50 لک …
21 Aug 2026
پيٽرول مهانگو ٿيڻ جا اثر، بصر ۽ ڪڪڙ سميت 23 ضروري شيون مهانگيون
پيٽرول مهانگو ٿيڻ جا اثر، بصر ۽ ڪڪڙ سميت 23 ضروري …
21 Aug 2026
حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڊيلرز جي مارجن ۾ واڌ ڪري ڇڏي
حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڊيلرز جي مارجن ۾ واڌ ڪري ڇڏ…
21 Aug 2026
پاڪستان ۾ اڄ به سون جي قيمت ۾ 5 هزار رپين کان وڌيڪ واڌ
پاڪستان ۾ اڄ به سون جي قيمت ۾ 5 هزار رپين کان وڌيڪ…
21 Aug 2026
حڪومت درآمد ڪيل کنڊ مان ئي هڪ لک 8 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو
حڪومت درآمد ڪيل کنڊ مان ئي هڪ لک 8 هزار ميٽرڪ ٽن ک…
22 Aug 2026
آءِ ايم ايف جي شرط پوري، اربين ڊالرن جون بي ضابطگيون ختم، درآمدي ڊيٽا اپڊيٽ
آءِ ايم ايف جي شرط پوري، اربين ڊالرن جون بي ضابطگي…
22 Aug 2026
هڪ سال ۾ بصر 132 سيڪڙو ۽ ٽماٽا 93 سيڪڙو مهانگا ٿيا: شماريات کاتو
هڪ سال ۾ بصر 132 سيڪڙو ۽ ٽماٽا 93 سيڪڙو مهانگا ٿيا…
22 Aug 2026
شهرين کي هڪ ليٽر پيٽرول تي 130 رپيا 75 پيسا ٽيڪس ۽ مارجنز ادا ڪرڻ تي مجبور
شهرين کي هڪ ليٽر پيٽرول تي 130 رپيا 75 پيسا ٽيڪس ۽…
24 Aug 2026
ڪي اليڪٽرڪ تي هڪ سال دوران وفاقي حڪومت جا واجبات 93 سيڪڙو وڌي ويا
ڪي اليڪٽرڪ تي هڪ سال دوران وفاقي حڪومت جا واجبات 9…
24 Aug 2026
ايران تي آمريڪي پابندين جي اعلان جو انتظار، عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي
ايران تي آمريڪي پابندين جي اعلان جو انتظار، عالمي …
24 Aug 2026