اسلام آباد: پاڪستان کي ڊگهي مدي واري معاهدي تحت قطر کان ايل اين جي جي کيپ سومر ڏينهن ملي وئي، جيڪا 31 جولاءِ تي آبنائي هرمز مان واپس موڙي وئي هئي۔
ايل اين جي جهاز الاريش صبح تقريبن 11:30 وڳي پاڪستان گئس پورٽ لميٽيڊ ٽرمينل تي لنگر انداز ٿيو ۽ 141,550 ڪيوبڪ ميٽر ايل اين جي کڻي پاڪستان پهتو۔