پاڪستان جي خوبصورت اداڪاره عائزه خان پنهنجي مڙس دانش تيمور سان عليحدگي جي افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي. تازو ئي عائزه خان پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪجهه نمايان تبديليون ڪيون، ان کان علاوه سندس اڪائونٽ تان هڪ پوسٽ کانسواءِ دانش تيمور سان گڏ تصويرون به هٽايون ويون، جنهن تي مداح ڪافي حيران ٿيا. اداڪاره جي ذاتي زندگي بابت چؤٻول ان وقت وڌيڪ وڌي ويا، جڏهن هن پنهنجي مڙس دانش تيمور جي ڊرامي ’همراهي‘ جي فائنل جي سينيما پريميئر تقريب ۾ شرڪت نه ڪئي.
بهرحال، هاڻي عائزه خان هڪ فين پيج پاران پڇيل سوال جو جواب ڏيندي انهن افواهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اداڪاره واضح ڪيو ته سندس طلاق يا عليحدگي بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرون بي بنياد ۽ جعلي آهن. عائزه جي ان ردعمل کانپوءِ مداحن به سوشل ميڊيا تي مختلف انداز ۾ پنهنجن جذبن جو اظهار ڪيو. ڪجهه صارفين جوڙي کي عليحدگي نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن سوال اٿاريو ته جيڪڏهن افواهون بي بنياد آهن ته پوءِ عائزه دانش تيمور سان گڏ تصويرون ڇو هٽايون؟ واضح رهي ته عائزه خان ۽ دانش تيمور کي شوبز انڊسٽري جي مشهور جوڙين مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو ۽ مداح هن جوڙي کي ڀرپور پسند ڪن ٿا.