اسلام آباد: فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) هلندڙ مالي سال جي پهرين ئي مهيني جولاءِ ۾ پگهاردار طبقي کان گذريل ٻن سالن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ انڪم ٽيڪس وصول ڪيو. ذريعن موجب انڪم ٽيڪس ۾ گهٽتائي باوجود پگهاردار طبقي کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪيو ويو ۽ هلندڙ سال جولاءِ ۾ ايف بي آر پگهاردار طبقي کان انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 44 ارب رپيا وصول ڪيا. ذريعن مطابق مالي سال 25-2024ع جي جولاءِ ۾ 42 ارب رپيا، جڏهن ته مالي سال 24-2023ع جي جولاءِ ۾ 30 ارب رپيا وصول ڪيا ويا هئا. واضح رهي ته حڪومت هلندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ 22 لک رپين کان وڌيڪ سالياني آمدني واري سليبس تي انڪم ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪئي هئي. حڪومت سالياني 22 کان 32 لک رپين تائين آمدني واري سليبس تي انڪم ٽيڪس جي شرح 23 سيڪڙو مان گهٽائي 20 سيڪڙو، جڏهن ته سالياني 32 کان 41 لک رپين تائين آمدني تي ٽيڪس جي شرح 30 سيڪڙو مان گهٽائي 25 سيڪڙو ڪئي هئي. اهڙي طرح سالياني 41 کان 56 لک رپين تائين آمدني واري سليبس تي ٽيڪس جي شرح 35 سيڪڙو مان گهٽائي 29 سيڪڙو ڪئي وئي، جڏهن ته سالياني 56 کان 70 لک رپين تائين آمدني وارن ماڻهن لاءِ ٽيڪس جي شرح 35 سيڪڙو مان گهٽائي 32 سيڪڙو ڪئي وئي هئي.